مهانگائي کي ڪيئن منهن ڏجي؟

اشرف لاريب

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي مزدور ۽ غريب طبقي کي فاقن ڪٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. خاص ڪري اسان جو ملڪ مهانگائي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. هن وقت اسان جي ملڪ ۾ غريبن جي گهرن ۾ چلها ٿڌا ٿي رهيا آهن اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن اسان جي ويجهو رهندڙ گهرن ۾ ٻارن جي روئڻ جو آواز به اچڻ لڳندو، غريبن جي حالت ڏسي حضرت عمر رضه جن جي دور حڪومت جو هڪ واقعو ياد اچڻ لڳندو آهي چوندا آهن حضرت عمر رضه جن جي دور خلافت ۾ هڪ غريب بدوي جي گهر ۾ بُک ۽ بدحالي اچي وئي، بدويءَ جا ٻار بک وچان زور زور سان روئي رهيا هئا، جنهن تي بدوي جي گهرواري ٻارن کي دلاسو ڏيڻ لاءِ چلهه تي خالي ديڳڙيءَ ۾ پاڻي ٽهڪائي رهي هئي،اهو ان جو  روز مره جو معمول هو. هوءَ پنهنجي روئندڙ ٻارن جي سامهون چلهه تي خالي ديڳڙيءَ ۾ پاڻي رکندي  هئي ۽ ٻارن کي کاڌو تيار ڪرڻ جو آسرو ڏيندي هئي، جڏهن دير تائين کاڌو نه تيار ٿيندو هو ته ٻار بک ۾ روئي روئي سمهي پوندا هئا ۽ پوءِ پنهنجي ٻارن کي آهستي آهستي کڻي سندن پٽ تي وڇايل بسترن تي سمهاري ڇڏيندي هئي. اهڙي ريت هوءَ بغير کاڌو کائڻ جي ٻارن جا ڪيترائي ويلا بک تي گذرندا هئا. هڪڙي ڏينهن رياست مدينه ۾ حضرت عمر رضه گشت ڪندي ان بدوي جي گهر جي ٻاهران اچي نڪتو ته گهر جي اندران ٻارن جي روئڻ جون آوازون اچي رهيو هيو ۽ بدوي جي گهرواري کي ڪاوڙ مان دڙڪا ڏيڻ جو آواز اچي رهيو هئو، هوءَ گهرواري کي زور سان چئي رهيو هو ته انهن ٻارن کي ماٺ ڇو نه ٿي ڪرائي سگهين، جنهن تي سندس گهرواريءَ چئي رهي هئي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان خالي ديڳڙي باهه تي رکي ر هي آهيان، هاڻي ٻار به سمجهي ويا آهن ته ماني هاڻي ڪونه ملندي، ان ڪري اڄ ٻارڙا ڪجهه وڌيڪ زور سان روئي رهيا آهن ڪيترن ڏينهن جا بکايل ٻارڙن کي کاڌو ڪٿان کارايا؟

اهو قصو حضرت عمر رضه ٻڌو ۽ پنهنجي وزير کي چيو ته توهان کي اهو چيل آهي ته ڪوبه ماڻهو يا گهر بکايل نه هئڻ گهرجي، پوءِ هن غريب گهر جي اوهان کي خبر ڇونه پئجي سگهي،؟ تنهن تي وزير ڪو عذر ڄاڻائي حضرت عمر کان معافي طلب ڪئي ۽ ان بدوي جو دروازو کڙڪايو گهر ٻاهر جڏهن غريب بدوي آيو تڏهن حضرت عمر رضه بدوي کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو، ٿورو مفاصلو طئي ڪرڻ کانپوءِ هڪ ڪمري ۾ کوڙ ساريون اناج جون ٻوريون پيل هيون ڪمري ۾ داخل ٿي اتان هڪ اناج جي ٻوري حضرت عمر رضه پنهنجي ڪلهي تي رکي هلڻ لڳو ته وزير رڙ ڪندي وقت جي بادشاهه کي چيو ته سائين اوهان ته بادشاهه آهيو پوءِ اوهان ڇو ٿا هي ٻوري کڻو، حضرت عمر رضه وراڻيو ته جيڪڏهن مان بادشاهه آهيان ته پوءِ هنن غريبن جي غربت جو بار به مون کي کڻڻو آهي اهو چئي حضرت عمر اناج جي وزني ٻوري کڻي بدوي جي گهر پهچائي ، بدوي جي گهرواري هيترو سارو اناج ڏسي ته هن جي چهري تي خوشي جا تاثر اچي ويا يڪدم هن ڊوڙي اناج جي ٻوريءَ مان ڪجهه اناج کڻي ٽهڪندڙ ديڳڙي ۾ وجهي بهترين ڀت تيار ڪري ٻارن کي کارايو. جڏهن بدوي ٻارن سميت ڀت کائي ڍءُ ڪيو تڏهن هن وزير کان پڇيو ته هي نيڪ مرد ڪير آهي؟ جنهن اسان تي هيڏو وڏو احسان ڪيو آهي ان تي وزير وراڻيو ته اسان جي هن سلطنت جو بادشاهه حضرت عمر آهي ….

هن واقعي جو ذڪر ان ڪري ڪيو آهي جو اسان جي ملڪ جو بادشاهه رياست مدينه جون ڳالهيون ڪري رياست مدينه وانگر ان جي پيروي ته ڪونه ڪئي آهي هن انصاف جي تحريڪ جي سربراهه پاڪستان جي سموري  غريب عوام تي مهانگائي جا بم ڪيرائي غريبن جي وات جو گرهه به کسي ڇڏيو آهي. هر طرف مهانگائي جي هاءِ هاءِ ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي پراڻي پاڪستان ۾ هڪ ڳاڙهي سئو جي نوٽ مان ڀريون ٻڌي خريداري ڪبي هئي ۽ کائڻ پيئڻ جون ڍير ساريون شيون خريد ڪبيون هيون، هن نئين پاڪستان ۾ اسان جي ڪرنسيءَ جي ويليو هڪدم ڊائون ٿي وئي آهي ڏهه رپين جي ويليو هڪ رپيو، سئو جي ويليو 10 رپيا ۽ 1000 جي ويليو 100 رپيا ٿي وئي آهي خريداريءَ تي وڃڻ مهل کسي ۾ پئسا رکي اهو خيال ڪري خريداري تي غريب نڪرندو آهي ته ڪجهه شيون خريد ڪري ايندو جڏهن ٻه ٽي شيون مشڪل سان خريد ڪري مايوس  گهر ۾ جڏهن مرد داخل ٿئي ٿو  ته گهر واري ۽ ٻارن جي جهيڙي کي منهن ڏيڻو پويس ٿو.

هن وڌندڙ مهانگائيءَ جتي غريبن جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن اتي گهرن جو پرسڪون ماحول جهيڙن جهٽن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو  آهي گهر کان ٻاهر جڏهن نڪرجي ٿو ته ٻاهر فقيرن جا جٿا چنبڙيو پون ٿا، گداگري کي ماڻهن پيشو بڻائي ڇڏيو آهي. چوندا آهن ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي خوشحالي يا بدحالي کي ڏسڻو هجي ته اتان جي ماڻهن کي عوامي هنڌن تي ڏسجي.بدحالي ڏسڻ لاءِ  عوامي جاين تي پريشان ماڻهو توهان کي ڏسڻ ۾ ايندا گفتگو جي دوران اوهان کي مهانگائي جو روئڻو روئندي ڏسبا.

هن وقت اوهان پنهنجي ملڪ جي معيشت، روڊ، رستا، ماڻهن کي ڏسندا ته توهان کي انهن جي چهرن تي بي وسيءَ جا نشان ظاهري طور ڏسڻ ۾ ايندا. اڃا به وقت ناهي گذريو هن مهانگائي ۾ جتي ماڻهن جا عقيدا، قائدا قانون ختم ٿيندي بي وس ٿيندي ڏسي وري به اسان کي جوش سان نه هوش کان ڪم وٺڻو پوندو. پنهنجي حقن ماڻڻ لاءِ گڏجي سوچڻ جي ضرورت آهي اسان وٽ حضرت عمر رضه نه هاڻي ناهي اچڻو  جو اچي پاڻ مسئلن جو حل ڳولهي.

اسان جي باشعور عوام کي پاڻ همت ڪري مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ رستا ڳولهڻا پوندا ….. اچو ته سوچيون، عمل ڪيون حقيقي تبديلي لاءِ وک وڌايون….

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.