سگهڙ ميان پير بخش مڱريو کي ڀيٽا

مهتاب مڱريو

سنڌ، شاعري ۽ سگهڙائپ جي حوالي کان بيحد شاهوڪار خطو رهي آهي جنهن ۾ سگهڙ استاد مريد جت کان وٺي سگهڙ رحمت الله لاشاري تائين ۽ سگهڙاستاد محمد ملوڪ عباسي کان وٺي سگهڙ محمد لقمان کوکر تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي پاران نيون نيون حسناڪيون ڀري سونهن پيدا ڪئي آهي. سنڌي شاعري ۾ سگهڙن جي ڪردار کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته انهن به ٻولي ۽ علائقي جي خوبصورتين کي پنهنجي لفظن سان بيان ڪري پڙهندڙن جي دلين ۽ دماغن کي روشن ڪيو آهي، اهڙن سگهڙن مان فقير سگهڙ ميان پير بخش مڱريو به هڪ هو.

سگهڙ فقيرميان پير بخش (پيرل) مڱريو جيتوڻيڪ اسان ۾ جسماني طور موجود نه آهي پر سندس فڪر ( پيغام پيرل)  ڪتاب جي صورت ۾ موجود آهي.سگهڙ فقيرکي اسان کان وڇڙي ٽي سال گذري چڪا آهن ، سندس ورسي هر سال ملهائي ويندي آهي جنهن ۾ سموري سنڌ مان سگهڙ، فنڪار،صحافي ۽ ادبي لڏي سان تعلق رکندڙ ماڻهو وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا آهن. سندس ٽين ورسي پڻ اڄ 17 آڪٽوبر2020 تي سندس اباڻي  ڳوٺ ڪانپور لڳ موهن جو دڙو ۾ ملهائي پئي وڃي جنهن ۾ سندس شخصيت جي مختلف ادبي پاسن تي روشني وڌي ويندي.

سگهڙ ميان پير بخش مڱريو جي شاعري جو هڪ نمونو هتي پيش ڪجي ٿو.

 

ڇڏيون خان خانيون تونگر هليا ويا.
هن ساڳي سر زمين تان سڪندر هليا ويا.
ٻاهر ڪفن مان هٿ پير خالي،
ڏيکاريون دنيا کي سراسر هليا ويا.
نه رهيو دنيا تي ڪو دارا سڪندر.
اهڙا مرد غازي، بهادر هليا ويا.
حڪم زور جن جا هيا جيڪي نادر،
اهي زور وارا به ظابر هليا ويا.
هيا ڪالهه جن جي درن تي به پهرا،
انهيءَ محل ماڙن جا منظر هليا ويا.
خدا جي زمين تي رهي ٿورڙو،
شهنشاهه ڀٽا ئي قلندر هليا ويا.
خدا جي خدائيءَ جا مالڪ هيا جي،
اهي خود خداجا پيغمبر هليا ويا.
دنيا دم گذر ٿئي   پيرل او مڱريا،
هتان ڪيئي حاطم گداگر هليا ويا.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.