ميڊيڪل ڪاليجن ۾ سڀاڻي رٿيل انٽري ٽيسٽ روڪڻ جو حڪم

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ميڊيڪل ميڊيڪل ڪاليجز ۾ 18آڪٽوبر تي رٿيل  انٽري ٽيسٽ کي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت  وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 22آڪٽوبر تائين جواب گهري ورتو آهي . عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته درخواستن تي جيستائين حتمي فيصلو نٿو ٿي، ان وقت تائين ٽيسٽ کي روڪيو وڃي .درخواست گذارپنهنجي موقف ۾  صوبي اين ٽي ايس جي لاءِ 18آڪٽوبر جو ٽيسٽ تاريخ مقررڪري آهي . پي ايم ڊي سي جي پراڻي قانون تحت صوبو 30هزار شاگردن کان ٽيسٽ وٺي رهيو آهي، درخواست ۾ شاگردن موقف اختيار ڪيو آهي ته صوبي ۽ وفاق طرفان ميڊيڪل ڪاليجز توڙي يونيورسٽيز ۾ داخلا لاءِ ڌار ڌار ٽيسٽ وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو، پي ايم ڊي سي جي خاتمي بعد وفاق ۽ صوبن وچ ۾ داخلا تي تڪرار پيدا ٿي ويو آهي، جنهن سبب شاگردن ۾ بيچيني پکڙيل آهي، درخواستگذار شاگردن طرفان وفاق ۽ صوبن کان داخلا پاليسي طلب ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

اين اي ڊي ۾ داخلا لاءِ فيس نه ملڻ سبب نوجوان انت آڻي ڇڏيو

ڪراچي ( م ڊ) اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ فيس نه ملڻ تي نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو، نيو ڪراچي ۾ نوجوان حماد جو  گهر مان ڦاهو ڏنل لاش هٿ آيو. پوليس موجب نوجوان جي والد جو چوڻ آهي ته حماد انٽر ۾ اي گريڊ سان پاس ٿيو هو، اين اِي ڊي يوينيورسٽي ۾ داخلا لاءِ فيس دير سان ملڻ تي نوجوان پنهنجي زندگي جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.