ميڪسيڪو جو اڳوڻو دفاع وارو وزير آمريڪا ۾ گرفتار

لاس اينجلس ( م ڊ ) آمريڪا ميڪسيڪو جي اڳوڻي  دفاع واري وزير جنرل سيلواڊور سنفيگوز زپيڊا کي گرفتار ڪري ورتو. ميڪسيڪو جي اڳوڻي پرڏيهي وزير مارسيلو ابرارڊ پنهنجي سوشل اڪائونٽ تي ٻڌيو ته آمريڪي اختيارين جنرل سيلو اڊور کي لاس اينجلس ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو پر ميڪسيڪو سفير کين گرفتاري کان آگاهه ناهي ڪيو. آمريڪا ميڊيا موجب آمريڪا جنرل سيلو کي ڪهڙن الزامن تحت گرفتار ڪيو آهي، اهو اڃا تائين واضح ناهي ٿي سگهيو ۽ نه ئي آمريڪي اختيارين گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.