دادو ۾ قومي ڪارڪنن کي کنڀڻ خلاف ڌرڻو

دادو(رپورٽ: عزيز احمد ملڪ (   دادو ۾ سنڌ مان قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سنڌ سڀا پاران انعام عباسي ۽  ڊاڪٽر  نذير کوکر جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. سنڌ سڀا جي صدر سنڌي انعام چيو ته اسان جو پهرين ڏينهن کان اهو مطالبو آهي ته گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن  ڪو ڏوهه آهي ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي،  رات جي انڌيري ۾ ڌاڙيلن جيان گهرن ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي ماڻهو گرفتار ڪري گم ڪرڻ عالمي ۽ هتان جي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.نذير کوکر چيو ته هن ملڪ ۾ ڪورٽون موجود آهن،  ان باوجود ماڻهن کي گرفتار ڪري گم ڪيو وڃي ٿو، ڌرڻي ۾ مرتضيٰ کوسو،  غلام شبير ٻرڙو،  علي عمراڻي، صداقت شيخ سميت ٻين سياسي سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ڌرڻي ۾ مختلف پارٽين جي ڪارڪنن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.