ڪراچي ۾ 2 ڄڻا گوليون هڻي قتل، قبرستان مان لاش هٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ملير ريڙهي ڳوٺ ۾ هٿياربندن ٻن ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، گذريل ڏينهن صبح جو ريڙهي ڳوٺ   جي علائقي ۾ واقع قبرستان مان ٻن ڄڻن جا گوليون لڳل لاش مليا، ايس ايڇ او سکڻ زاهد خان مطابق علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، هٿ آيل لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا جتي سندن سڃاڻپ 30 ورهين جي ڪريم پٽ عمران ۽ 28 ورهين جي عاشق پٽ محمد ايوب خان جي نالن سان ٿي، جن مان مقتول ڪريم بختاور ڳوٺ جڏهن ته عاشق صوابي ٽائون جو رهواسي هو، مقتولن جي وارثن موجب انهن جي ڪنهن به ڪا دشمني ناهي ٻئي مقتول پورٽ قاسم تي مزدوري ڪندا هئا، پوليس ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ تان نائن ايم ايم پسٽل جي گولين جا 4 خول مليا آهن، شروعاتي جاچ موجب ٻئي مقتول نشي جا عادي ۽ پاڻ گهاٽا دوست به هئا کين ڪنهن ٻئي هنڌ تان اغوا ڪري قبرستان ۾ آڻي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.