ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ انساني ڍانچو هٿ، اسپتال منتقل 

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ انساني ڍانچو هٿ، پوليس موجب انساني ڍانچو ٻار جو آهي. اورنگي ٽائون سيڪٽر 9 ۾ خالي گھر مان انساني ڍانچو مليو، اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيم پهچي انساني  ڍانچو اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب انساني ڍانچو 8 کان 9 مهينا پراڻو آهي، جيڪو ڪنهن ٻار جو آهي، ميڊيڪل رپورٽ ۾ جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي سگھندي، پاڙيوارن کان به پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي،

آمريڪي سفارتخاني پاران فورسز تي حملن جي مذمت

اسلام آباد(م ڊ) آمريڪي سفارتخاني پاڪستاني فورسز تي دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي. آمريڪي سفارتخاني پاڪستاني فورسز دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اتر وزيرستان ۽ بلوچستان جي متاثرن جي ساک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. گذريل ڏينهن دهشتگردن جي اورماڙا جي ڀرسان سيڪيورٽي فورسز جي حملي ۾ 7 ايف سي جوان ۽ 7 سيڪيورٽي گارڊ شهيد ٿي ويا جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ ڪيترائي دهشتگرد به مارجي ويا هئا.03

ڪنٽينر گاڏين لاءِ هئا، ماڻهن کي روڪڻ لاءِ رنڊڪون نه وڌيون: اعجاز شاهه

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) اعجاز شاهه چيو آهي ته جنهن کي جلسي ۾ وڃڻو هوندو، ان کي ڪنٽينر نه  روڪي سگهندو، ڪنٽينر رڳو گاڏيون روڪڻ لاءِ رکيا ويا هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي اعجاز شاهه چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽ موومينٽ ( پي ڊي ايم ) جي جلسي ۾ ڪا به وٺ پڪڙ نه ٿي، اپوزيشن جو جلسو ٿيندو آهي ته اهڙي قسم جون ڳالهيون ٿينديون آهن. هن چيو ته ماڻهن کي روڪڻ لاءِ ڪنٽينر نه لڳايا ويا هئا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.