پ پ جي مرحوم اڳواڻ راشد رباني جو ٽيجهو اڄ ٿيندو

ڪراچي(رپورٽر) وڏي وزير جي اسپيشل اسسٽنٽ ۽ پ پ اڳواڻ راشد حسين رباني جو  ٽيجهو اڄ ٿيندو، ڪلفٽن بلاڪ 2 ۾ آغا خان ايمرجنسي سينٽر وٽ واقع مرحوم راشد رباني جي گهر تي سندس ٽيجهو ٿيندو،جتي خيرات جي ماني ۽ قرآن خواني ڪئي ويندي.

اپوزيشن جو اتحاد حڪومت جو ڪجهه نٿو بگاڙي سگهجي: حنيد لاکاڻي

ڪراچي (رپورٽر)   سربراهه بيت المال سنڌ ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ حنيد لاکاڻي چيو آهي ته اپوزيشن جا اتحاد بدنيتي تي ٻڌل آهن. بدنيت ماڻهو  سياسي چور ملي ڪري حڪومت جو ڪجهه به نٿا ڪري سگهن. پي ڊي ايم جي قيادت ڪندڙ جلد پاڻ ۾ ئي وڙهندي نظر ايندا. اهڙن خيالن جو اظهار حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ ڪيو. حنيد لاکاڻي چيو ته وزيراعظم عمران جي نيت تي ڪير به شڪ نٿو ڪري سگهي هر ڪم ۾ وقت لڳندو آهي. گذريل حڪومتن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي ڪري اڄ عوام تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي. هر ڪنهن کي حق آهي پنهنجو پاور شو ڪرڻ جو ماضي جا چور هاڻ جلسا ڪري حڪومت کي ڪيرائڻ جو ڳالهيو ڪري رهيا آهن جيڪي ڳالهيو ئي رهنديون. حنيد لاکاڻي چيو ته هڪ ٻي تي الزام لڳائيندڙ هاڻ هڪ ٻي کي پنهنجو سڄڻ ٿا سمجهن.  پي ڊي ايم منافقن ۽ مفاد پرستن جو ٽولو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.