سنڌ ۾ مسيحائن مريضن کي رولي ڇڏيو، 4 ڏينهن کان اسپتالن جي او پي ڊي بند

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ رسڪ الائونس بند ٿيڻ ۽ پي ايم سي جي قيام خلاف گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي چوٿين ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جنهن سبب مريض مسلسل دربدري کي منهن ڏئي  رهيا آهن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، نوشهروفيروز، خيرپور، سانگهڙ، مٽياري، ڪنڌڪوٽ، ڊگهڙي، خانپو ۽ ٻين شهرن ۾ مريض علاج کان محروم رهيا.تنگواڻي، مورو، فيض گنج ۽ ٺارو شاهه جي اسپتالن ۾ به او پي ڊيز بند هئڻ سبب مري بنا علاج جي موٽي ويا. مريضن جو چوڻ آهي ته روزانو ڀاڙا ڀري علاج لاءِ اسپتال پهچون ٿا، هتي علاج ڪرڻ بدران ڌڪا ڏئي واپس موٽايو وڃي ٿو، اسپتال ٻاهران ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ بعد خالي واپس هليا وڃون ٿا.  هنن مطالبوڪيو ته احتجاج ختم ڪرايو وڃي، جيئن مريضن جو علاج ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.