وزير ۽ صلاحڪار ٽڪي جا ناهن، گندا آنا کائڻ لاءِ تيار ٿي وڃو: پي ٽي آءِ ميمبر

اسلام آباد ( م ڊ ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي تي جهيڙو ٿي پيو، هڪ ميمبر چيو ته اسان جا وزير ٽڪي جا آهن، عوام گندا آنا هڻڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس جي اجلاس ۾ مهانگائي  تي بحث ڪيو ويو. فوڊ سڪيورٽي واري وفاقي وزير فخر امام ڪڻڪ جي دستيابي، قيمتن ۽ کوٽ تي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪڻڪ جي درآمد سان اٽي جي قيمت ۾ واضح گهٽتائي ايندي. وفاقي وزير حماد اظهر کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪارڻ ۽ حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ان وقت ماحول گرم ٿي ويو، جڏهن مراد سعيد چيو ته عطاءُ الله ڳالهائڻ شروع ڪري پر ان وقت آزاد چونڊيل ميمبر ثناءُ الله مستي خيل پنهنجي سيٽ تي اٿي بيهي رهيو ۽ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي. ثناءُ الله مستي خيل چيو ته حڪومت ۽ عوام لاءِ حالتون بهتر نظر نٿيون اچن، ماڻهو حڪومتي اڳواڻن کي گندا آنا هڻڻ لاءِ تيار آهن، اسان جي حڪومت جا وزير ۽ صلاحڪار هڪ ٽڪي جا نه آهن. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ جون حالتون اسان جي ڪري خراب نه آهن، موجوده حالتن جا ذميوار اهي آهن، جيڪي جلسو پيا ڪن، انهن ئي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو. وزيراعظم عمران خنا چيو ته حماد اظهر کي کنڊ جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. پي ٽي آءِ جي نور عالم خان چيو ته حڪومت تي خدشا آهن پر ان باوجود وزيراعظم جو ساٿ ڏئي رهيا آهيون، حڪومت جي معاشي ٽيم ناقص آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.