پي ڊي ايم جو پهريون پاور شو لکين ماڻهن جا گونيازي گو نعرا

گجرانوالا (م ڊ) حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم پهريون پاور شو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، گجرانوالا ۾ لکين ماڻهن گو نيازي گو جا نعرا هڻي ڇڏيا. مخالف ڌر اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سليڪٽڊ کي هاڻي وڃڻو پوندو. پنجاب جي ضلعي گوجرانوالا ۾ اپوزيشن جماعتن جي اتحاد پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ مريم نواز جاتي امرا کان قافلي جي صورت ۾ رواني ٿي، جيڪا مختلف هنڌن کان ٿيندي گوجرانوالا پهتي.  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ نائب  صدر مريم نواز گوجرانوالا ۾ ٿيندڙ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي جلسي گاهه پهچي ويا. جلسي گاهه پهچڻ تي اتي موجود پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن مريم نواز جو مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو. ان کانپوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به جلسي گاهه پهچي ويو. هو لاله موسيٰ کان گوجرانوالا پهتو، سندس قافلو مريم نواز جي قافلي کان ڪجهه دير پوءِ جلسي گاهه ۾ داخل ٿيو. جلسي کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪجهه ماڻهن جي خواهش آهي ته منهنجو آواز عوام تائين نه پهچي پر اهي ڪامياب نه ويندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ عوام گهرن جا چلها ٿڌا ٿي ويا آهن، هن چيو ته هي ڏوهه عمران نيازي جو آهي يا ان کي آڻڻ وارا، هن چيو ته اصل ذميوار يا ڏوهاري کي سامهون آڻڻا آهن. هن چيو ته اصل ذميوار وائکا ڪرڻ کان نه مڙنداسين. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته اسٽيج تي ويٺل سمورا اڳواڻ غدار جڏهن ته آئين کي چيڀاڙيندڙ محب وطن آهن. نواز شريف ويڊيو لنڪ تي ڳالهائيندي چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو جي ڪهڙي اهميت آهي، اڄ اوهان کي احساس ٿيو آهي، اسان کي هي غدار ٿا قرار ڏين، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين جن ڊڪٽيٽرن سياستدانن کي انهن تمغن سان نوازيو آهي، جڏهن اهو الزام شيخ مجيب الرحمان تي هنيو ويو ته هو الڳ ٿي ويو، ڍاڪا ۾ جنرل نيازي دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انهتائي ذلت جوڳي طريقي سان هٿيار ڦٽا ڪيا پر غدار ڪير آهي سياستدان نواز شريف، بينظير ڀٽو ۽ اسٽيج تي ويٺل سڀ غدار آهن. مريم نواز خطاب ڪندي چيو ته پاپا جونز عاصم سليم باجوه کان ڪير پڇا نه ٿو ڪري، هو چوي ٿو مان استعيفي ڏني آهي ڇا نواز شريف جو بنياد وڌل سي پيڪ ڪرپٽ عاصل سليم باجوا جي ڪنٽرول ۾ هجڻ گهرجن.  مريم نواز چيو ته وزيراعظم کي آڻڻ ۽ ٻاهر ڪڍڻ جو حق عوام کي هجڻ گهرجي. مريم نواز چيو ته عمران چوي ٿو جنرل ظهير ان ڪري  استعيفيٰ گهري ڇاڪاڻ ته هو ڪرپٽ هو. نواز شريف جو ته اقامو آيو پر ڇا جنرل ظهير الاسلام کي حق آهي ته چونڊيل وزيراعظم کان پڇاڻو ڪري، عاصم سليم کان ڪير پڇا ڪندو. سسلين مافيا چوندڙ ٻڌائن ته هاڻ مافيا ڪير آهي. شيون غائب ڪري قيمتون وڌائڻ کان پوءِ مارڪيٽ ۾ آنديون وڃن. عمران چوي ٿو سڀ ادارا حڪومت سان هڪ صفحي تي آهن پر ياد رکي ته صفحو اٿلڻ ۾ دير ناهي ٿيندي. هن چيو ته عزت ۽ ذلت خدا جي هٿ ۾ آهي، عمران جي هٿ آهي. مريم نواز نواز شريف زندهه آباد جا نعرا لڳايا. بلاول خطاب ڪندي چيو ته عمران خان هر معاملي ۾ ٽائيگر فورس کي کڻي اچي ٿو، پاپا جونز وانگر ماڻهو ارب پتي پيا ٿين پر ڪير پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ وارو ناهي. بلاول چيو ته پي ٽي آءِ جي فنڊنگ ڀارت ۽ اسرائيل مان پئي ٿئي، نواز شريف ۽ آصف زرداري جيل وڃن ٿا ته ڪرپٽ ڪندڙ جنرل کي به جيل وڃڻو پوندو. هن چيو ته نواز شريف، آصف زرداري ۽ مريم نواز تي الزام لڳي ته جيل پر عمران ۽ عليما کان ڪير پڇي ئي نه ٿو، پاپا جونز وانگر ارب پتين تي ڪو سوموٽو ناهي. انصاف تڏهن ملندو ته جڏهن ڪرپشن تي جنرل کي به جيل وڃڻو پوي. هن چيو ته پنجاب کي 500 ارب گهٽ مليا ۽ سنڌ کي به حصو ناهي مليو. سي پيڪ تباهه ڪيو ويو سعودي سان لاڳاپا خراب پيا ٿين. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو آهي ته عمران خان ته چوندو هو ته اپوزيشن جيڪڏهن جلسا ڪندي ته جلسي لاءِ ڪنٽينر به ڏينداسين،پر هن کان ته هڪ جلسو به برداشت نه پيو ٿئي. هن جو چوڻ هو ته گوجرانوالا جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ ڪارڪنن جا رستا روڪيا پيا وڃن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، ڪرڪنن تي ظلم ۽ هنن جي گرفتاري جي مذمت ٿا ڪريون. هن چيو ته ڪشمير تي سودو ڪيو ويو،  مولانا فضل الرحمان چيو هن ناجائز حڪومت جي ٻيڙي ۾ سوراخ ٿي چڪو آهي، پهلوان اکاڙي ۾ اچي چڪا آهن جيڪي انهن کي دسي ڇڏيندا. هن چيو ته حڪمرانن جي همت جواب ڏئي چڪي آهي، هو ڊسمبر نه ڏسندا. اڄ 15 مخالف ڌر ميمبرن سليڪٽڊ کي ڀڄائي ڪڍيو. فضل الرحمان چيو ته سليڪٽِڊ جا سليڪٽر به ته آهن نه، هن چيو ته سليڪٽر چون ٿا ته سندن نالو نه وٺون اوهان جمهوريت کي ڪٺو  ڇا اوهان کي ڪجهه نه چئون. ڇا سليڪٽرن کي پشيماني آهي يا هو اڃا خوش آهن. هن چيو ته اوهان جڏهن ڪشمير کي جڏهن وڪڻيو تڏهن انڊيا ناچ ڪيو هو. هن چيو ته هاڻ ڪراچي، ڪوئٽا ۽ لاهور ۾ دنگل ٿيندو. اوهان گلگت بلتستان کي زوري صوبو بڻائيندو ته انڊيا کي جواز نه ملندو ڇا، اوهان ٺهرائن جو ڇا هوندو.   03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.