اسلام آباد ۾ قدمن جو آواز آهي جو ڪنٽينر رکيل آهن: سراج الحق

لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ آهي ته ٽائيگر فورسز مهانگائي کي ڪنٽرول نٿي ڪري سگهي، انهن کي  ڪشمير موڪلي جهاد ڪرايو وڃي. سينيٽر سراج الحق جو چوڻ آهي ته ڪنهن جي قدمن جو آوازآهي جو اسلام آباد کي ڪنٽينرن سان ڀري ڇڏيو آهي. ٽائيگر فورس اگهن کي ڪنٽرول نٿي ڪري سگهي، ان کي ڪشمير موڪلي جهاد ڪرايو وڃي. منصوره ۾ ملي يڪجهتي ڪونسل جو اجلاس ٿيو. پڌرائي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته مهانگائي عوام جي برداشت کان ٻاهر نڪري چڪي آهي، عمران خان نوٽيس وٺڻ بند ڪري. جنهن به شئي جو نوٽيس ٿو وڃي ان جا اگهه عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿا نڪري وڃن، سينيٽر سراج الحق جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جو احتجاج ڪرڻ هن جو حق آهي پر تشدد ڪرڻ ۽ رنڊڪون وجهڻ غير جمهوري انداز آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.