عمران خان کي آڻيندڙن کي نواز شريف ياد پيو اچي: شاهد خاقان

گوجرانوالا ( م ڊ )  اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اڄ هر پاڪستاني مشڪل ۾ آهي، اسان جو ملڪ ڏکي وقت مان پيو  گذري، رڳو هڪ آزاد اليڪشن جي صورت ۾ ملڪ کي بچائي سگهون ٿا. گوجرانوالا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته هن ملڪ ۾ ترقي تڏهن ٿيندي، جڏهن آئين جي حڪمراني ٿيندي، هي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، ڇو ته هن جون پاڙون کوکليون آهن، اڄ عمران خان کي آڻيندڙن کي به نواز شريف ياد آيو هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.