اوٻاوڙي ۾جرڳي پاران جوڙي کي قتل جي فتويٰ

اوٻاوڙو ) رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ )  اوٻاوڙو 20 ڏينھن اڳ پنھنجي برادري جي ڇوڪري سان پيار جو پرڻو ڪندڙ امتياز سولنگي جي  پيءُ الزام هنيو آهي ته وڏيري پاران جرڳو ڪري قتل ڪرڻ جي فتوا جاري ڪئي وئي آهي، ڳوٺ ٻوڙي واسي فوجي محمد اسماعيل سولنگي پريس ڪلب ۾ دانهيندي چيو ته پٽ پاران پيار جو پرڻو ڪرڻ تان ناري جي پيءُ علي عباس سولنگي ۽ وڏيري قبول سولنگي جرڳو ڪري قتل جي فتوا جاري ڪري ڇڏي آهي،هن دعويٰ ڪئي ته فتويٰ ۾ چيو ويو آهي  ته پريمي جوڙي يا ته ان جي پيءُ ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ وڏيري بشير سولنگي، سچل سولنگي،گهر تي حملو ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر مان گهر کان ٻاهر هيس ان ڪري بچي ويو آهيان اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي تحفظ فراهم ڪري ظالم وڏيري خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.