ڪراچي ۾ ٻن فيڪٽرين کي باهه، هڪ گدام به سڙي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ باهه جا واقعا، 2 فيڪٽريون، گودام، 3 گاڏيون ۽ دڪان سڙي رک، لياري جي علائقي جھٽ پٽ مارڪيٽ ۾  چپس ۽ ٻين شين جي گودام ۾ باهه لڳي وئي، جنهن ڏسندي ڏسندي سڄي گودام کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، باهه سبب گودام ۾ بيٺل 4 کان 5 گاڏيون سڙي ويون، فائربرگيڊ عملو دير سان پهچڻ سبب گودام ۾ پيل سامان سڙي ويو، ساڳي وقت آءِ آٰءِ چندريگر روڊ تي يوني پلازه ۾ واقع ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرونڪ بورڊ جي دڪان ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب ڪافي نقصان ٿيو پر فائربرگيڊ عملي وقت تي پهچي باهه تي ضابطو آندو. هوڏانهن لانڍي ايڪسپورٽ پراسيسنگ زون ۾ ڪپڙي جي ڪارخاني کي باهه لڳي وئي، باهه جي شدت ۾ تيزي سبب هڪ فيڪٽري جي ڇت پڻ ڊهي پٽ پئجي وئي، باهه ڀر واري فيڪٽري کي به وڪوڙي وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي فيڪٽريون سڙي ويون، فائربرگيڊ عملي طرفان باهه کي ٽئين درجي جي باهه قرار ڏنو ويو هو، ڪي ايم سي سميت نيوي جون فائربرگيڊ گاڏيون پڻ پهتيون جڏهن ته ويجھي واٽر هائيڊرنٽس تي ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.