پاڪستاني ڊرامن ۾ رڳو افيئر ڏيکاريا ويندا آهن: خاتون اول

ڪراچي ( م  ڊ ) صدر عارف علوي جي گهرواري خاتون اول ثمينه علوي پاڪستان ڊرامن ۾ هڪ جهڙي ئي غير مهذب موضوع ڏيکارڻ  تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪي ڊرامن ۾ غلط شين کان علاوه ڪجهه ناهي ڏيکاريو ويو. خاتون اول اعتراف ڪيو ته هو هڪ جهڙن موضوعن تي ڊراما گهٽ ڏسندي آهي، ڇو ته ان ۾ افيئرز کان علاوه  ڪجهه ناهي ڏيکاريو ويو. انڊپينڊنٽ اردو کي ڏنل انٽرويو ۾ ثمينه علوي چيو ته پاڪستاني ڊراما ڏسڻ سان کيس ڊپريشن ٿي ويندو،  ڇو ته ڊرامن ۾ ڪا به شيءِ ڍنگ جي ناهي هوندي. هن چيو ته ڊرامن ۾ غلط شيون ڏيکارڻ سان ئي اڄ ڪلهه جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون غلط ڪم ڪرن پيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.