19 ادارن کي خانگائڻ جو فيصلو، ترديد باوجود روز ويلٽ هوٽل به لسٽ ۾ شامل

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي سرڪار اسٽيل ملز ۽ روز ويلٽ هوٽل سوڌو 19 ادارن کي نجڪاري فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو، سينيٽ ۾ پيش ڪيل فهرست ۾ جناح ڪنوينشن، سروسز انٽرنيشنل هوٽل، فرسٽ وومين  بئنڪ ۽ ماڙي پيٽروليم شامل، وفاقي حڪومت پاڪستان انجنيئرنگ ڪمپني، سنڌ انجنيئرنگ لميٽيڊ، او جي ڊي سي ايل، پاڪستان پيٽروليم، گڊو پاور پلانٽ ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کي به خانگائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سينيٽ ۾ ادارن کي خانگائڻ جي فهرست شامل ٿيڻ تي اپوزيشن پاران احتجاج ڪيو ويو. سينيٽر مشتاق غني احتجاج ڪندي چيو ته حڪومت چوندي هئي ته نيويارڪ ۾ موجود روز ويلٽ هوٽل کي خانگائڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، هاڻي وري فهرست ۾ هوٽل کي به شامل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.