سينيٽ ۾ ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف بحث جي رٿ منظور

اسلام آباد (بيورو+ م ڊ ) سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار ۽ آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس جو سينيٽ ۾ به پڙاڏو ٿيو، پ پ جي مطالبي تي سينيٽ  چيئرمين سومر ڏينهن ٻيٽن جي مامري تي بحث جي اجازت ڏئي ڇڏي. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف آواز اٿاريندي چيو آهي ته سنڌ جي عوام سوڌو سموريون جماعتون آرڊيننس کي رد ڪري چڪيون آهن، حڪومت طرفان جاري ڪيل آرڊيننس اڃا تائين پارليامينٽ ۾ پيش نه ٿيو آهي، آرڊيننس رد ڪرڻ لاءِ جمع ڪرايل ٺهراءُ تي بحث ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.