اسٽيڊيم نه ڀرجڻ جي خوف سبب اڌ اسٽيڊيم خالي ڇڏيو ويو: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ايڏيون جماعتون گڏجي به ناڪامي جي خوف جو  شڪار آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري لکيو ته اپوزيشن کي گوجرانوالا اسٽيڊيم ڀرڻو هو پر جلسي لاءِ اڌ اسٽيڊيم ڇڏي اسٽيج لڳائي وئي، اڳ ئي گنجائش 30 هزار هئي، جيڪا هاڻ 20 هزار رهجي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته اهو عمران خان ئي هو، جنهن مينارِ پاڪستان جو گرائونڊ به ڀري ڇڏيو هو، انهن سڀني کان گڏجي ان جو اڌ به نه ٿيو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.