مهانگائي تي جلد ضابطو آندو ويندو: حفيظ شيخ جي دعويٰ

اسلام آباد ( م ڊ ) ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، مهانگائي تي جلد ضابطو آندو ويندو. بزنس ڪميونٽي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي حفيظ شيخ چيو ته اڳوڻين حڪومتن جي غلط پاليسين سبب ملڪي معيشت تباهه ٿي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي حڪومت جي ڪاميابي پاليسين جو نتيجو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ مجبوري مان وياسين، مشڪل معاشي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا، جنهن سان حڪومت ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.