ڌرتي ڌڻين جا خدشا رد، وفاق ٻيٽن تي عالمي سيڙپڪارن کي دعوت ڏئي ڇڏي، اشتهار جاري

ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ) وفاق هوڏ تي رهندي ٻيٽن بابت سنڌ واسين سان واعدي خلاف ڪندي عالمي فرمن کي سيڙپڪاري جي آڇ جا اشتهار جاري ڪري ڇڏيا آهن. وفاقي حڪومت ڀنڊار ٻيٽ جي 8 هزار ايڪڙ تي ترقياتي منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتوآهي. وفاقي سرڪار 8 هزار ايڪڙن تي مُشتمل ڀنڊاڙ۽ بڊو ٻيٽن تي  عالمي فرمز کان تجويزون طلب ڪري  ورتيون آهن. عوامي آواز کي مليل دستاويزن موجب وفاقي سرڪار سنڌ جي احتجاجن کي نظر انداز ڪندي ڀنڊاڙ ۽ بڊو ٻيٽن تي ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ لاء عالمي سطح جي فرمن کان تجويزون طب ڪندي لک پڙھ شروع  ڪري ڇڏي آهي. دستاويز  موجب ميري ٽائيم واري وفاقي وزارت عالمي توڙي مقامي ڪنسلٽنسي فرمن کان سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي سامونڊي پٽي تي قائم ڀنڊاڙ۽ بڊو ٻيٽن تي ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ جي حوالي سان تجويزون طلب ڪيون آهن ڌرتي ڌڻين جي احتجاجن کي نظر انداز ڪندي فرمن کي چيو ويو آهي ته ماحولياتي ۽ سماجي اثرن کان تفصيلي آگاهي ڏيڻ سان اهو به ٻُڌايو وڃي ته ٻيٽن تي ڪميونيڪيشن وارو نظام ڪهڙي ريت شروع ڪري سگهجي ٿو. فرمن کي ٻُڌايو ويو آهي ته ٻيٽ جملي 49 اسڪوائر ڪلوميٽر يا اٺ هزارن ايڪڙن تي مشتمل آهن جنهن بابت ترقياتي منصوبن جو ماسٽر پلان ۽ تفصيلي انجينئرنگ ڊزائين به گهريو ويو آهي ڀنڊاڙ ٻيٽ تي رهائشي,ڪاروباري ۽ تفريحي جاين جي منصوبن توڙي مقامي مهاڻن لاء فش هاربر قائم ڪرڻ لاء تجويزو ن ڏيڻ جي سفارش ڪئي ويئي آهي  ڪنسلٽنسي فرمز کان اهو سوال پڻ ڪيو ويو آهي ته انهي ڳالھ جو ڪاٿو لڳائي ڏنو وڃي ته جيڪو ماسٽر پلان جيڪا فرمز تيار ڪري ٿي ان جي ترقي سان ڪيترو روينيو گڏ ڪري سگهبو ۽ ڪيتري سيڙپڪاري ٿي سگهندي. ترقياتي منصوبن ۽ سياحت ذريعي ڪهڙي ريت مقامي ماڻهن لاء روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهندا تفصيلي ماسٽر پلان ۾ اهو پڻ ٻُڌايو وڃي ته ٻيٽن تي پاڻي گئس ۽ بجلي جي فراهمي ڪهڙي ريت ٿي سگهندي ان کانسواء رابطن وارو جديد نظام ڪهڙي ريت قائم ڪري سگهبو,صفائي جو  بهترين نظام ڪهڙي نموني فراهم ڪري سگهبو,ٽرانسپورٽ ۽ ٽرئفڪ جو طريقيڪار ڪهڙو هوندو ان بابت به تفصيل شامل ڪيا وڃن فرمز کان پڇو ويو آهي ته ڀنڊاڙ۽ بڊو ٻيٽن تي امڪاني ماحولياتي تبديلي جي  اثرن جي شدت ڪيتري هوندي,ٻيٽن جي زمين هوا جي معيار تونائي ۽ پاڻي جو بهتر کان بهتر نظام ڪهڙي ريت ڪري سگهجي ٿو,زمين هوا ۽ پاڻي تي ڪهڙا امڪاني اثر پئجي سگهن ٿا,ڀنڊاڙ۽ بڊو ٻيٽن تي ترقياتي ڪمن سبب پاڻي جي ماحوليات، پاڻي ۾ رهندڙ حياتيات ۽ وڻن مٿان ڪهڙا امڪاني اثر پئجي سگهن ٿا,ٻيٽن ويجهو تمر جي وڻن جي تحفظ ۽ انهن کي وڌائڻ لاء تجويزون طلب ڪيون ويون آهن,معاشي ۽ آبادياتي فيڪٽرز,مقامي ثقافتي ورثي  جي تحفظ,ترقي  جي نئين معيار,مقامي ماڻهن جي خدشن,امڪاني زلزلن يا سائيڪلون , ماحولياتي خطرن ۽ انهن کي گهٽ ڪرڻ جي حڪمت عملي بابت پڻ تجويزون طلب ڪيون ويون آهي. سامونڊي پٽي تي ٻيٽن بابت نوان شهر اڏڻ جي سنڌ پارن شديد مخالفت باوجود وفاقي سرڪار باضابطا دستاويزي ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. وفاقي سرڪار سنڌ جي ٻيٽن تي سنڌ جي ماڻهن جي احتجاج کي نظر انداز ڪرڻ سان گڏ سنڌ سرڪار کي به بائي پاس ڪري ترقياتي رٿائن بابت ستاويزي ڪم شروع ڪيو آهي وفاقي سرڪار هوڏ تي قائم رهندي ميري ٽائيم وزارت معرفت مختلف عالمي ۽ مقامي فرمز   سان  لکپڙھ  شروع ڪري ڇڏي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.