پي ٽي آءِ اڪيلي آهي، سڀ چور گڏجي ويا آهن: شبلي فراز

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اپوزيشن جماعتن جا اڳواڻ هڪٻئي کي گاريون ڏيندا هئا، اڄ سڀ گڏيا  آهن ته کين مُنهن لڪائڻ لاءِ رومال کپندو. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته مولانا صاحب اڳ ۾ به اچي ڌمڪيون ڏئي ويو هو پر اثاثن بابت پڇڻ تي اهي جواب نه پيا ڏين.هن چيو ته تحريڪ انصاف ماضي ۾ به اڪيلي هئي ۽ اڄ به اڪيلي آهي، ڇو ته هڪ پاسي چورن جو قافلو آهي ۽ ٻئي پاسي عمران خان. سندس چوڻ هو ته اهي بيماري جو بهانو ڪري ٻاهر ويا ۽ اتان سياست ڪري رهيا آهن، لنڊن ۾ ويهي هتي احتجاج جو سڏ ڏنو پيو وڃي. شبلي فراز چيو ته اسان بهتري ڏانهن وڌي رهيا آهيون، جيڪو اپوزيشن کي پسند ناهي، تنهن ڪري مافيا متحد ٿي رهي آهي ۽ اهي عدم استحڪام جي ڪوشش ڪندا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.