قومي اسيمبلي ۾ ٻيٽن تي قبضي ۽ مهانگائي خلاف نعرا، وزيراعظم هليو ويو

اسلام آباد ( م ڊ )  قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ حڪومت خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو، جنهن تي وزيراعظم عمران خان ايوان مان اٿي هليو ويو. قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيو  ته وزيراعظم عمران خان به شرڪت ڪئي. اجلاس شروع ٿيندي ئي اپوزيش ميمبرن سيٽن تي بيهي احتجاج ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي، اسپيڪر چپ ڪرائيندو رهيو پر ميمبر خاموش رهيا. اپوزيشن ميمبرن چيو ته اٽي، کنڊ چور جي سرڪار نه هلندي، ”مڪ گيا تيار شو نيازي“ گو نيازي گو نيازي“ جا نعرا هنيا، ميمبرن بينر به کنيا، جن تي انتقامي سياسي نامنظور، علي باباچاليهه چور، ٻيٽن تي قبضو جا منظور ۽ چور سرڪار جا نعرا لکيل هئا.  حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبر آمهون سامهون اچي ويا، جنهن بعد هنامگو ٿي ويو ۽ اسپيڪر اجلاس 20 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. ان دوران وزيراعظم عمران خان ايوان مان اٿي هليو ويو، جنهن تي اپوزيشن ڀڳوڙو ڀڳوڙو جا نعرا هنيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.