ڦورن کي اين آر آو ڏيڻ تباهي جو دڳ آهي: وزيراعظم

اسلام آباد ( م ڊ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته  ڦورن کي اين آر او ڏئي زندگي آسان ٿي سگهي ٿي پر اهو ملڪ لاءِ تباهي جو رستو آهي، جيڪو مان نٿو ڪري سگهان.نسٽ اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته بدقسمتي سان ادارن ۾ ڪوآرڊيشن جي کوٽ نظر اچي رهي آهي، حڪومت سنڀالي ته برآمدات گهٽ هئي، ڊالر جي کوٽ سبب ڪجهه عرصي کانپوءِ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو آهي، بدقسمتي سان اسان جو ويزن ڌنڌلو ٿي ويو آهي، اها ننڍي سوچ هوندي آهي ته رڳو پئسو ٺاهيو وڃي، اسان هميشه ڏکئي رستي طرف ويندا آهيون، سمورا ڦورو گڏ ٿي ويا آهن ته اسان کي معاف ڪري اين آر او ڏئي سمجهوتو ڪري وٺ، هي آسان رستو آهي، جنهن سان زندگي آسان ٿي ويندي، اسان به پارليامينٽ ۾ آرام سان تقرير ڪنداسين، باقي 3 سال به گذري ويندا. هن چيو ته اين آر او ڏيڻ ۽ سمجهوتو ڪرڻ آسان آهي پر اهو تباهي جو رستو آهي، ڏکيا فيصلا ئ اوهان کي اڳتي وٺي ويندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.