ٻيٽ بچايو مارچ، پ پ وسيلن جو تحفظ نه ڪيو ته ڪٻاڙ خاني ۾ دفن ٿي ويندي: اڳواڻ

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) پورهيت مزاحمت پاران حيدرآباد جي شهباز بلڊنگ واري علائقي کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ”ٻيٽ بچايو، سنڌ بچايو“ پيادل مارچ ڪيو ويو، سنڌ جي ٻيٽن جي تحفظ جي  لاءِ نڪتل هن مارچ ۾ سياسي، سماجي اڳواڻ، قومپرست پارٽين جا ڪارڪن، عورتون ۽ ٻارڙا وڏي انگ ۾ شامل هئا، جن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق پاران ڪيل غير آئيني ۽ غير قانوني قبضي خلاف نعرا لکيل هئا، نعرن جي گونج ۾ مارچ ۾ شامل سوين ماڻهو ٿڌي سڙڪ کان، اسٽيٽ بينڪ، گل سينٽر ۽ ايس پي چوڪ کان ٿيندا پريس ڪلب پهتا، جتي مارچ جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو، مارچ جي اڳواڻي پورهيت مزاحمت جي اڳواڻ مسرور شاهه، گوهر ميمڻ، مهراڻ ميمڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ريلي ۾ ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو، جڳديش آهوجا، جسقم اڳواڻ ديدار شام، نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري، جامي چانڊيو، پروفيسر امداد چانڊيو، مختيار عباسي، صنم چانڊيو، آزاد ميرواهي، دوست علي لغاري، پير نوناري، امجد رند، شبير لغاري، عبدالمجيد ملاح ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پورهيت مزاحمت جي اڳواڻ مسرور شاهه خطاب دوران صدارتي آرڊيننس کي رد ڪندي سنڌ حڪومت کان گُهر ڪئي ته سنڌ حڪومت اين او سي ڏئي جيڪا وڏي بديانتي ڪئي هئي ان کانپوءِ کين گهرجي ته هاڻ سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آڻي ٻيٽن تي قبضي جي لاءِ آندل صدارتي آرڊيننس کي رد ڪيو وڃي، پيپلزپارٽي صدراتي آرڊيننس کي سينيٽ ۾ رد ڪرائڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ڇو ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڪثريت آهي، گڏوگڏ سي سي آءِ ۾ به اهڙي غير آئيني آرڊيننس خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو وڃي.سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو ته ٻيٽن تي قبضي خلاف سنڌ جي عوام شعور جو مظاهرو ڪيو آهي،  سنڌ جي وحدانيت تي وار سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. هن چيو ته ٻيٽن تي تعميراتي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، آرڊيننس ته هاڻ جاري ٿيو آهي، مقامي مهاڻن کي بيدخل ڪري برمي ۽ بنگالي مڇي ماري رهيا آهن. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ هوت خان گاڏهي چيو ته وفاق پاران سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضو ڪيو ويو آهي، پ پ هن صدارتي آرڊيننس جي ڪاري قانون خلاف سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرائي، سنڌ جي ٻيٽن تي جبري قبضو قبول نه ڪنداسين، پرامن احتجاج جاري رهندو. ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت ۽ تاريخي ورثو آهن، صدر مملڪت صدارتي آرڊيننس جاري ڪري پارليامينٽ ۽ آئين مٿان وار ڪيو آهي، عدليا آرڊيننس سان آئين جي لتاڙ ڪرڻ جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي، عدليا هر معاملي جو نوٽيس وٺي ٿي، سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي ۽ آرڊيننس ذريعي آئين جي لتاڙ جو نوٽيس وٺي. اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ۽ ايڇ آر سي پي سنڌ  جي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊيو  چيو ته سنڌ جي ماڻهن جي پيغام کي وفاقي سرڪار کي واضع نموني سمجهڻ گهرجي، سنڌ جو عوام وحدت ۽ وسيلن تي ڪاري ضرب برداشت نه ڪندو. هن چيو ته پ پ کي به سوچڻ گهرجي ته اها وسيلن جي تحفظ لاءِ سنڌ جي عوام سان گڏ بيهي. جيڪڏهن پ پ ايئن نه ڪيو ته اها تاريخ جي ڪٻاڙ خاني ۾ دفن ٿي ويندي. سنڌ جا وسيلا سنڌ جا آهن، انهن جو تحفظ ۽ مالڪي سنڌ جو  عوام ڪندو.  ان موقعي تي ان موقعي تي اڳواڻ ديدار شام، نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.