سنڌهاءِ ڪورٽ پاران جواب داخل نه ڪرائيندڙآفيسرن تي ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ مختلف ڪيسن ۾  سرڪاري آفيسرن جي رويي تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت تي سخت ڪاوڙ اظهار ڪيو، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته باربار نوٽيس جاري ڪرڻ  باوجود سرڪاري آفيسر جواب جمع نٿاڪرائن جنهن ڪري ٻڌڻي ملتوي ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ الزام عدالت تي لڳايا ويندا آهن، عدالت اهڙي رمارڪس خانگي  اسڪولن جي حوالي سان ڪيسن جي ٻڌڻي دوران ڏنا.عدالت ۾ پرائيويٽ اسڪولن جو  ڊائريڪٽر منسوب صديقي پيش نه ٿيو ، جنهن تي عدالت سخت پڇاڻو ڪيو، .ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ آفيسرن جي رويي جي عدالت کان معافي وٺي ڇڏي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.