سي سي پي او لاهور سان جهيڙو، ايس پي سي آءِ اي فارغ

لاهور ( م ڊ ) سي سي پي او لاهور سان جهيڙو ڪرڻ تي ايس پي سي آءِ اي کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. سي سي پي او لاهور عمر شيخ سان  جهيڙو ڪندڙ ايس پي سي آءِ اي عاصم افتخار کي عهدي تان هٽائيندي کيس ايس پي هيڊڪوارٽر ٽريفڪ برانچ ۽ ايس پي هيڊڪوارٽرز پنجاب طارق عزيز کي ايس پي ليگل ٽريننگ ڪاليج چوهنگ ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته گوجرانوالا جلسي بابت اجلاس ۾ ايس پي سي آءِ اي ۽ سي سي پي او لاهور ۾ جهيڙو ٿي پيو هو ۽ ٻئي هٿين پئجي ويا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.