باڊھ ۾ڪتن معصوم ٻار جو لاش قبر مان ڪڍي کائي ڇڏيو

باڊھ (ن ع آ ) باڊھ  جي قبرستان ۾ چوڪيدار نه هئڻ سبب ڪتا معصوم ٻار جو لاش قبر مان ڪڍي کائي ويا، درگاھ شريف جي  تاريخي  قبرستان حاجي علي اصحاب ۾ ڪتا هڪ معصوم ٻار جو لاش قبر مان ڪڍي کائي ويا، ڪفن قبر کان گهڻو  پري پيل هو. شهرين جو چوڻ آهي ته انتظاميا جي لاپرواھي سبب قبرستان ڪتن، گڏھن ۽ ھيروئنين جو آستانو بڻجي ويو آهي، شهرين چيو ته  درگاھ شريف جي آمدني انتظاميا جي ڪرپشن جي ور چڙھيل آهي، جنھن سبب قبرستان ۾ ڪو به ڪم نه ڪرايو ويو آهي، ھنن مطالبو ڪيو آهي ته مسئلي جو نوٽيس وٺي قبرستان کي چوديواري ڏياري چوڪيدار مقرر ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.