ميان صاحب ڀرسان ڪارجو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

ميان صاحب ڀرسان همايون ٿاڻي جي حد  ۾ جيڪب آباد شڪارپور قومي شاهراھ الوارث پيٽرول پمپ ڀرسان ڪار جو موٽر سائيڪل سان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھنجي نتيجي ۾ 2 ڄڻا موٽرسائيڪل سوار  لال محمد بروهي ۽ سليمان سڌايو موقعي تي فوت ٿي ويا،  حادثي ۾ فوت ٿيلن جو تعلق ھمايون ڀرسان ڳوٺ الله آباد سان ٻڌايو پيو وڃي سندن مڙھ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ،  لاش پهچڻ تي گھرن ۾ ڪھرام مچي  ويو  ،  ھوڏانھن حادثي ۾ هڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جنهن کي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،  ٻئي طرف ڪار سوار  ۽ ڊرائيور حادثي کانپوء ڪار ڇڏي موقعي تان فرار ٿي ويا جڏهن ته  ڪار کي ھمايون پوليس پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.