سجاول: سرڪاري اسپتال ۾مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري ٻارڙو فوت

سجاول جي سرڪاري اسپتال ۾ ڇاتي جي تڪليف ۾ مبتلا ٻارڙو مبينا غلط علاج ٿيڻ ڪري فوت ٿي ويو ،  فوتي ٻارڙي جي پيءُ چوھڙ جمالي واسي غلام مصطفي ملاح پنهنجي گهرواري سان گڏ فوتي ٻارڙي جي لاش کي مين روڊ تي رکي اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڇاتي جي تڪليف ۾ مبتلا ٻن سالن جي معصوم پٽ احسان کي علاج لاءِ سجاول جي سرڪاري اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن پٽ کي جهٽڪو ٿيڻ جو چئي انجيڪشن لڳائڻ جو چيو، پر  هنن پاران  بار بار منع ڪرڻ باوجود اسپتال جي ڪمپائونڊر انجيڪشن لڳايو  جنهن ڪري سندن  پٽ فوت ٿي ويو ، ھن چيو ته معصوم پٽ کي غلط علاج ڪري ماري انهن سان ظلم ڪيو ويو آهي،  هن مطالبو ڪيو ته  اسپتال جي عملي  خلاف ڪارروائي ڪري انهن سان انصاف ڪيو وڃي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.