چمبڙ: مطالبن جي مڃتا لاءِ پيرا ميڊيڪل عملي پاران مظاهرو ، ڌرڻو

چمبِڙ ۾ گورنمنٽ رسڪ ھيلٿ الائونس ۽ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاء پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ سنجر چانگ جي پيراميڊيڪل اسٽاف پاران  مطالبن جي مڃتا لاء او پي ڊي جو بائيڪاٽ اسپتال جي مک گيٽ آڏو مظاهرو ڪري  4 ڪلاڪ تائين ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي اڳواڻي   فوڪل پرسن ڊاڪٽر دلدار مغل، ڊاڪٽر علي خان بلوچ،  ڊاڪٽر عتيق الرحمٰن صديقي، ۽ ٻين ڪئي ، احتجاج ۾ ليڊيز ھيلٿ ورڪرن سميت  سوين ملازمن شرڪت ڪئي،ان موقعي تي  اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته حڪومت اسان جو رسڪ ھيلٿ الائونس بند ڪري اسان سان ناانصافي ڪري رھي آھي ، هنن چيو ته  جيسين تائين انهن جا جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاجن جو سلسلو جاري رھندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.