ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي صدارت هيٺ سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي

ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن سميت ڊي ايف سي ۽ فلور ملز جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي ته ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته اٽي جي وڌندڙ اگهن سبب غريب ماڻهو مشڪلاتن جو شڪار آهن، کين رليف فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميه جي اولين ترجيح آهي،  انڪري فيصلو ڪيو ويو آهي ته ايندڙ هفتي اربع کان ضلعي جي پنجن ئي تعلقن ۾ سستي اٽي جا اسٽال قائم ڪيا ويندا ، جتي ضلعي جون 13 فلور ملز اسپيشل اٽو پهچائينديون ، اهڙي ريت عوام کي اٽي جو في ڪلو 48 روپين ۾ ملڻ گهرجي،  هن چيو ته عام ماڻهو پنهنجي شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي جمع ڪرائي اٽي جو 10 ڪلو وارو ٿيلهو خريد ڪري سگهندا، هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته  هر هڪ فلور مل لاڳاپيل علائقي ۾ هڪ هڪ آر او پلانٽ لڳرائيندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.