کپرو: شهيد مجتبيٰ شاھ چوڪ ٻيهر تعمير ڪرايو وڃي:سماجي اڳواڻ

کپرو ۾ سول سوسائٽي ۽ هيومين رائيٽس  سميت کپرو جي سياسي سماجي اڳواڻن وڪيل سيٺ عبدالغفار لغاري، گل صديق پٺاڻ، بابو سميجو، غلام رسول منڱريو ۽ ٻين کپرو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي تـ ڪجھ مهينا اڳ حدخلين جي آڙ ۾ کپرو تعلقي جا سمورا چوڪ ڊاهي پٽ ڪيا ويا هئا جنهن بعد کپرو شهر جا مين چوڪ وري تعمير ڪرايا ويا آهن،  انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو تـ شوگران سانحي دوران کپرو جي سماج سڌارڪ، سيد مجتبيٰ شاھ جي ياد ۾ سانگهڙ روڊ تي ڊاهي پٽ ڪيل شهيد سيد مجتبا شاھ چوڪ  بـ ٻيهر تعمير ڪرايو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.