گجرانوالا جلسي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ عمران گردي ڪئي وئي،محمد بخش مهر

پ پ ايم اين اي محمد بخش خان مهر چيو آھي ته گجرانوالا جلسي کي ناڪام بڻائڻ لاء  عمران گردي ڪئي وئي پر جمهوريت پسند ڌرين لکن جي تعداد ۾ شرڪت ڪري  ان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ، خانڳڙھ , لکي غلام شاهه , دڙي ۽ جيڪب آباد ۾ ڳالهائيندي محمد بخش مهر چيو ته ڪنٽينري نمائندن عوام جي حقيقي نمائندن آڏو رڪاوٽون وجهي جمهوريت جي اصل روح کي ئي رهڙي ڇڏيو ، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پي ڊي ايم , پي ٽي آء حڪومت جي خاتمي جي شروعات ڪري ڇڏي آھي. هاڻي سنڌ ۾ 18 آڪٽوبر وارو جلسو پڻ ثابت ڪندو ته بيروزگاري ۽ مهانگائي ڪري ملڪ جو عوام خان مان بيزار ٿي چڪو آھي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.