ڪراچيءَ ۾ رٿيل جلسي ۾ شرڪت لاءِ پ پ تعلقي رتوديرو جو اجلاس

18 آڪٽوبر  تي ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ پيپلز پارٽي قيادت جي سڏ تي ڪراچيءَ ۾ رٿيل جلسي ۾ شرڪت  لاءِ پ پ تعلقي رتوديرو جو اجلاس ٽائون هال نئون ديرو ۾ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ايم اين اي خورشيد جوڻيجو جي صدارت ۾ ٿيو،  اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته عمران نيازي جون پالسيون ناڪام ٿي چڪيون آهن ۽ وزير اعظم جي عوام دشمن پاليسن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ مھانگائي عوام جو جيئڻ  مشڪل ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جو روشن مستقبل فقط پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هٿن ۾ آهي ۽ اسان اميد ڪريون ٿا ته رتوديرو تعلقي جا جيالا ورڪر 18 آڪٽوبر سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جناح باغ ڪراچيءَ ۾ رٿيل جلسي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.