شيائومي جا بهترين وائرليس ايئر فونز متعارف

چين جي مشهور ٽيڪنالوجي ڪمپني شيائومي تازو ئي جديد ترين ”مي ٽرو وائرليس ايئر فونز ايئر 2 پرو“ متعارف ڪرايا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ايئر 2 پرو وائيس ڪينسليشن فيچر سان گڏ 28 ڪلاڪن تائين ميوزڪ بيڪ اپ فراهم ڪري ٿو جڏهن ته ان ۾ 3 مائيڪ به لڳل آهن ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان سان ڪال جي دوران ڳالهه ٻولهه جو تجبرو بهتر هوندو.

مي ٽرو وائرلس ايئر فونز ايئر 2 پرو 10 ميٽرن جي مفاصلي تائين آپريٽ ڪري سگھجن ٿا جڏهن ته ان جو وزن 60 گرام آهي اهي چارجنگ لاءِ يو ايس بي ٽائيب سي پورٽ کي سپورٽ ڪن ٿا.

ڪمپني موجب ايئر فونز 10 منٽن جي جارجنگ کان پوءِ 90 منٽن تائين ميوزڪ پلي بيڪ اپ فراهم ڪن ٿا، جڏهن ته شيائومي جي ان ايئرفونز جي قيمت 103 ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.