نوجوان مريم نواز جي گاڏيءَ کي رتورت ڪري ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز جي گاڏي کي هڪ نوجوان رتورت ڪري ڇڏيو، ڇو ته هن گاڏيءَ جي بانيٽ تي چڙهي ٻڪرن جو صدقو ڏنو.

مريم نواز ٽوئيٽر تي هڪ ويڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ نوجوان سندس گاڏي جي بانيٽ تي چڙهي ٻڪرن جو صدقو ڏئي رهيو آهي.

ن ليگ اڳواڻ به ڪيپشن ۾ لکيو ته ان نوجوان منهنجي گاڏي جي بانيٽ تي ويهي پنهنجي جهولي ۾ ٻڪرن جو صدقو ڏنو آهي.

مريم نواز نوجوان جي رتو رت ڪپڙن ۾ هڪ تصوير پڻ جاري ڪئي ۽ لکيو ته معذرت پر هيءَ تصوير شيئر ڪرڻ ضروري هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.