خيرپور: ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن ضلعي خيرپور جي قيادت جو اجلاس

سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن ضلعي خيرپور جي قيادت جو اجلاس چيئرمين سپريم ڪائونسل سنڌ  فقير محمد اعظم  مڱڻيجو ، چيئرمين متحده فيڊريشن سنڌ خادم حسين کوسو جي نگراني هيٺ ٿي گذريو ، اجلاس ۾  غلام مصطفي شر  سيد دين محمد شاه ،محمد حسين شر ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي فقير محمد اعظم منڱڻيجو ۽ ٻين چيو ته آپباشي کاتي جي ملازمن جا جائز مسئلا سن ڪوٽا ،فوتي ڪوٽا ، ٽائيم اسڪيل ،صحت ڪارڊ ، گروپ انشورنس سميت ٻيا مسئلا  حل نه ٿيڻ ڪري ملازم سخت پريشانين جو شڪار آھن،  هنن مطالبو ڪيو ته ايريگيشن ملازمن جا جائز مسئلا فل فور حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ مجبور ٿي حقن جي حاصلات لاءِ  مضبوط ۽ اڻٽر احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.