قمبر : مهانگائي خلاف شهرين ۽ ضلعو سينگار جدوجهد ڪاميٽي پاران مظاهرو

قمبر ۾ مهانگائي خلاف شهرين ۽ قمبر ضلعو سينگار جدوجهد ڪاميٽي طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن لالا واجد گوپانگ،طارق علي،خالد مارفاڻي،آصف جويو  ۽ ٻين چيو ته مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي ،غريبن جو پيٽ پالڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي ، مهانگائي جي ڪري ڪيترا شھري پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ بدران پورهيو ڪرائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ،هنن حڪمرانن کي اپيل ته مهانگائي ختم ڪري غريب مسڪينن کي ٻن ويلن جي ماني کائڻ ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.