حيدرآباد: ايڇ آر سي پي پاران کدڙن فقيرن جي حقن بابت آگاھي لاءِ گڏجاڻي

حيدرآباد ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان حيدرآباد ريجن طرفان کدڙن فقيرن جي حقن جي حاصلات لاءِ کدڙن فقيرن جو گروپ تشڪيل ڏيندي کين حڪومت طرفان سندن حقن  ۽ تحفظ لاءِ جوڙيل ايڪٽ 2020 بابت آگاھي ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو ، ايڇ آر سي پي حيدرآباد ريجن طرفان کدڙن فقيرن جي حقن بابت جوڙيل ايڪٽ بابت کين آگاھي ڏيڻ لاءِ گڏجاڻي ٿي. ايڇ آر سي پي سنڌ جي ڪنوينر پروفيسر امداد چانڊيو چيو تھ ايڇ آر سي پي طرفان پاڪستان ۾ پٺتي پيل طبقي لاءِ جاکوڙيو پيو وڃي. ھن چيو تھ پاڪستان ۾ کدڙن فقيرن جي حقن لاءِ ايڪٽ تھ موجود آھي، پر فقير ان بابت آگاھ ئي ناھن، ھن چيو تھ اسان کدڙن فقيرن جو ھڪ گروپ جوڙي رھيا آھيون تھ جيئن کين انھن جي حقن بابت آگاھ ڪري سگھون،انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس آرگنائيزيشن سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر نازش فاطمھ، ايڊووڪيٽ تبسم راني، اسلامڪ انٽرنيشنل ڪائونسل فار ھيومن رائيٽس جي اڳواڻ افشان شيخ، ايڇ آر سي پي حيدرآباد ريجن جي غفرانھ آرائين ۽ ٻين چيو تھ کدڙا فقير تعليم سميت سڀني سهولتن کان وانجهيل آهن، کين انهن جي حقن کان آگاهه ڪيو  پيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪري سگهن .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.