ٺٽو: سنڌ ملاح فورم پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

ڪوھستاني زمينن تي جعسازي وسيلي ڌارين کي نوازڻ، ٺٽي جو سڙي ويل روينيو رڪارڊ 13 سال گذرڻ باوجود ٻيھر بحال نه ٿيڻ ، صدارتي آرڊيننس ۽ ڪي ڦور منصوبي خلاف سنڌ ملاح فورم پاران متاثر کاتيدارن سان گڏ مسئلن جي حل لاء احتجاجي مظاهروڪيو ويو ، ان سلسلي ۾ سونڊا شھر ۾ سنڌ ملاح فورم سنڌ جي نائب صدر ملاح اڳواڻ ڏاڏا محمد آدم گندرو، مرڪزي اڳواڻ پرويز پاتڻي، مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ظھور احمد ملاح، ضلعي صدر محمد ايوب ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺٽو حيدر آباد قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھنيو ويو.  ان موقعي تي احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي ملاح اڳواڻ ڏاڏا محمد آدم گندرو چيو ته ضلعي ٺٽي جي عوام کي حڪمرانن پاران بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آھي، جنھن ڪري عوام تمام بنيادي گھرجن، مسئلن ۾ ڦاٿل آھي. ھنن چيو ته 13 سال گذري وڃڻ باوجود اڃان تائين سڙي ويل ٺٽي جو روينيو رڪارڊ ٻيھر بحال ٿي ناھي سگھيو ۽ نه ئي ڪوھستان جي زمينن جو رڪارڊ ري رائٽ ٿي سگھيو آھي، ھن چيو تہ ھاڻي ٻيٽن تي به قبضن جون ڪوششون ڪري ماھيگيرن کي بيدخل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيو وڃن، جيڪي اڳ ئي سندن روزگار جي وسيلن تي ٿيل قبضن ڪري سخت پريشان آھن، ھنن گھر ڪئي ته   سندن جائز مسئلا حل ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.