شهدادڪوٽ: سني رابطا ڪائونسل جي سڏ تي مولانا عادل جي قتل خلاف هڙتال

شهدادڪوٽ ۾ سني رابطا ڪائونسل ( اهلسنت والجماعت)  پاران  ڪراچي ۾ هٿياربند هٿان قتل ٿي ويل مولانا عادل جي قتل خلاف مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، ھڙتال سبب شھر جو سمورو ڪاروبار بند رھيو جڏهن ته ڪارڪنن صوبائي اڳواڻ حافظ منظور احمد سولنگي، امير جان زهري، حافظ نور حسن کوسو، ۽ٻين  جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان  ڌرڻو هنيو، ان موقعي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردن مولانا عادل کي شهيد ڪيو جنهن جا قاتل هن وقت تائين گرفتار ناهن ٿيا، هنن مطالبو ڪندي چيو ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪري سني مسلمانن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.