شهدادڪوٽ: ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس خلاف مظاهرو ،ڌرڻو ۽ علامتي بک هڙتال

شهدادڪوٽ ۾ وفاق پاران سامونڊي ٻيٽن بابت جاري صدارتي آرڊيننس خلاف جسقم بشير قريشي جي سڏ تي شھر جي مختلف قوم پرست پارٽين جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو  ۽  علامتي بک هڙتال پڻ ڪئي، ان موقعي تي  اڳواڻن الطاف سومرو، حبدار ميرجت، ذوالفقار مگسي، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته وفاق پاران سنڌ خلاف سازش ڪا نئين ڳالھ ناهي، ٻيٽن  وارو آرڊيننس به ان سازش جو حصو آهي پر جيستائين سنڌ جا غيرت مند پٽ جيئرا آهن انهن سازشن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا،هنن مطالبو ڪيو ته صدارتي آرڊيننس واپس وٺي ڪروڙين سنڌين جي دل آزاري  بند ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.