ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جو جلسو، شهرين لاءِ ٽريفڪ پلان جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي جناح باغ ۾ 18 آڪٽوبر تي ٿيندڙ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي جون تياريون جاري آهن، جلسي جي لاءِ ٽي مختلف اسٽيجون بڻايون ويون آهن جڏهن ته ٽريفڪ پوليس متبادل رستن جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

جلسي گاهه جي ڀرسان گاڏين کي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي پاور شو جون تياريون عروج تي آهن.

جناح باغ ۾ ٽي اسٽيجون بڻايون پيون وڃن، مرڪزي اسٽيج 80×60 فٽ جي آهي جيڪا مرڪزي اڳواڻن جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي جڏهن ته برابر ۾ ٻه وڌيڪ 40×50 فٽ جون ٻه اسٽيجون تيار ڪيون ويون آهن جنهن تي ٻيا اڳواڻ ويهندا.

انتظاميا موجب هن وقت تائين جلسي گاهه ۾ 50 هزار ڪرسين جو بندوبست ڪيو ويو آهي، اسٽيج ۽ ڀرپاسي ۾ ڪنٽينر هڻي سيڪيورٽي ڀت جوڙي وئي آهي. اسٽيج جي سامهون ڪنڊيدار تار لڳائي وئي آهي.

ٻئي پاسي ٽريفڪ پوليس ٽريفڪ جي روٽ پلان جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جمشيد روڊ ۽ تين هٽي کان نمائش ڏانهن عام شهرين کي وڃڻ جي اجازت نه هوندي.

شاهراهه قائدين کان ايندڙ ٽريفڪ کي نوراني سنگل کان اڳتي وڌڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

ٽريفڪ پوليس موجب شهري گرومندر کان سولجر بازار، جمشيد روڊ کان جيل فلاءِ اوور، نيو ٽائون ۽ طارق روڊ جو رستو اختيار ڪري سگهندا. ڪراچي جيل چورنگي کان جمشيد روڊ ايندڙ ٽريفڪ کي سولجر بازار بزنس ريڪارڊ روڊ ڏانهن موڙيو ويندو.

ناظم آباد ۽ تين هٽي کان ايندڙ هيوي ٽريفڪ کي گرومندر وڃڻ جي اجازت نه هوندي، ننڍيون گاڏيون وڃي سگهنديون.

ٽريفڪ پوليس موجب حيدرآباد کان ايندڙ واٽر پمپ ۽ لياقت آباد جي رستي کان جلسي گاهه تائين اچي سگهندا.

سينٽرل ضلعي مان شرڪت لاءِ ايندڙ گرومندر کان نشتر پارڪ يا طائي ڪراٽي گرائونڊ ۾ گاڏيون پارڪ ڪري جلسي گاهه وڃي سگهندا.

اولهه ضلعي مان شرڪت لاءِ ايندڙ پاڪ ڪالوني، گارڊن چوڪ، صدر دوا خانا رستي جلسي گاهه پهچي سگهندا.

ڏکڻ ضلعي ۽ ڪورنگي مان ايندڙ شاهراهه فيصل، شاهراهه قائدين، خداداد ڪالوني انڊس کان ويندا.

ٺٽي ۽ ضلعي ملير ۽ اوڀر مان ايندڙ پي پي چورنگي کان ريزيڊنٽ انجنيئر جي آفيس جي ڀرسان گاڏيون پارڪ ڪري جلسي جي مقام تي وڃي سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.