ملڪ جي وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ گهٽتائي رڪارڊ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڳڻپ واري اداري وڏين صنعتن جي پيداوار جي حوالي سان ماهوار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.

ڳڻپ واري اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب جولاءِ جي ڀيٽ ۾ آگسٽ دوران وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 6.78 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي پر گذريل سال آگسٽ جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال آگسٽ ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ هڪ ڏهائي 19 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ گذريل سال ان ئي عرصي دوران وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 3.66 سيڪڙو واڌ ٿي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.