حڪومت ملڪ کي ڏيوالي کان بچائي ورتو: حفيظ شيخ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته حڪومت ملڪ جو ڏيوالو ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي ۽ مهانگائي تي به جلد ضابطو آڻينداسين.

گورنر هائوس ۾ بزنس ڪميونٽي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي حفيظ شيخ چيو ته اڳوڻين حڪومتن جي غلط پاليسين سبب ملڪي معيشت تباهه ٿي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي حڪومت جي ڪامياب پاليسين جو نتيجو آهي.

هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ مجبوري تحت وياسين ۽ ملڪ کي ڏکين معاشي حالتن مان ڪڍڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، جنهن سان حڪومت ملڪ کي ڏيوالي کان بچائي ورتو.

سندس چوڻ هو ته مهانگائي تي جلد ضابطو آڻينداسين، بزنس ڪميونٽي جا مسئلا حل ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.