پاڪستان پوسٽ جا ٻه آفيسر فراڊ جي الزام ۾ گرفتار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) پاڪستان پوسٽ آفيس جي ٻن آفيسرن کي 22 ملين رپين جي فراڊ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن موجب ايف آءِ اي ڪرائم سرڪل کي اطلاع مليو هو ته رحيم يار خان سان واسطو رکندڙ پوسٽ آفيس جي ٻن آفيسرن زوار الحسن ۽ محمد فهيم اليڪٽر سٽي بلن جي مد ۾ 22 ملين کان وڌيڪ جو فراڊ ڪيو آهي.

اهي آفيسر پئسو وصول ڪرڻ کانپوءِ فيڪ انٽري رڪارڊ ۾ ڪندا هئا ۽ رقم ۾ اڪائونٽ جمع نه ڪندا هئا، جنهن سبب ماڻهن کي هر مهيني رهتن جي صورت ۾ بل وصول ٿيندا هئا، جنهن تي ڪيترائي ڀيرا شڪايت داخل ڪرائي وئي پر جنرل پوسٽ آفيس جي اعليٰ اختيارين به ڪا ڪارروائي نه ڪئي.

سموري واقعي جو اطلاع ايف آءِ اي کي مليو، جنهن تي ايف آءِ اي جي ٽيم رحيم يار خان ۾ پوسٽ آفيس تي ڇاپو هنيو ۽ ٻنهي کي گرفتار ڪري ورتو.

پاڪستان پوسٽ آفيس جي ٻنهي آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بجلي بلن جو رڪارڊ به جوابدارن جي قبضي مان ورتو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.