مهانگائي جو ذمو مخالف ڌر تي: ٻن سالن ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ نٿا ڪري سگهون: شبلي فراز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز وڌندڙ مهانگائي تي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي مخالف ڌر کي جواب ڏيندي چيو آهي ته هو ئي ملڪ جي افسوس جوڳين حالتن جا ذميوار آهن.

وڏي ايوان ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته (مخالف ڌر) چوي ٿي ته مهانگائي وڌي رهي آهي (پر) توهان ان جا بنيادي سبب آهيو، هن گذريل 40 کان 50 سالن ۾ پنهنجي پاليسين سان سرڪاري ادارن کي ختم ڪيو (پوءِ به) اسان مان اميد ڪن ٿا ته اسان انهن کي ٻن سالن ۾ ٺيڪ ڪري ڇڏينداسين.

مهانگائي ۾ واڌ جو اعتراف ڪندي وفاقي وزير چيو ته هي هڪ ”عارضي شئي“ آهي ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ان جو  ازالو ٿي ويندو، اسان ان کي ٺيڪ ڪنداسين ۽ ملڪ ۽ سرڪاري ادارن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لائق بڻائينداسين.

سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر جو مقصد مهانگائي، بيروزگاري نه پر پنهنجا اڳوڻا دور واپس آڻڻ جي لاءِ آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر اِهو سوچي ٿي ته هو اسان تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿي جهڙي هنن فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس قانون ۽ قومي احتساب بيورو (نيب) قانون جي باري ڪوشش ڪئي هئي ته ائين نه ٿيندو.

سڌُ سماءَ واري وزير چيو ته مخالف ڌر گجرانوالا ريلي ”سعد رفيق جي پسند“ جي موجب نه پر ٻن شاهي خاندانن جي تحفظ لاءِ ڪري رهي آهي جيڪي اقتدار ۾ اچڻ پنهنجو حق سمجهن ٿا.

سندس چوڻ هو ته هي چون ٿا ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي هئي، ڊيٽا گڏ ڪيو ۽ ڏسو ته توهان ڪيتريون چونڊ درخواستون داخل ڪيون ۽ پي ٽي آءِ ڪيتريون داخل ڪيون.

هن سوال ڪيو ته هي ڪهڙو ٻٽو معيار آهي ته مخالف تڏهن ئي خوشي ٿيندي آهي جڏهن هن جي خواهشن موجب معاملا اڳتي وڌيا هجن.

هن چيو ته مخالف ”پاڻ کي بي نقاب“ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو ٻيهر اقتدار ۾ نه ايندا، هنن جي سياست جا ڏينهن پورا ٿيا.

گجراناوال جلسي جي حوالي سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته مون چيلينج ڪيو هو ته گرائونڊ ڀري ڏيکاريو ته هنن اڌ اسٽيڊيم ۾ اسٽيج ٺاهي پاڻ ئي پنهنجي هار کي قبول ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.