قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن ۾ ڏند چڪ، وزير اعظم ايوان مان هليو ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر حڪومت خلاف سخت احتجاج ڪيو جنهن تي وزير اعظم عمران خان ايوان مان هليو ويو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هي ٿيو وزير اعظم عمران خان به شرڪت ڪئي. اجلاس شروع ٿيندي ئي مخالف ميمبرن سيٽن تي بيهي احتجاج ڪيو ۽ اسپيڪر چپ ڪرائيندو رهيو پر هو موخاش نه ٿيا.

مخالف ڌر ميمبرن اٽي، کنڊ چوري جي سرڪار نه هلندي، گو نيازي گو نيازي جا نعرا هنيا. هنن جي هٿن ۾ بينر به هئا جن تي انتقامي سياست نا منظور، علي بابا چاليس چور، ٻيٽن تي قبضا نا منظور، چور سرڪاري نامنظور جا نعرا لکيل هئا، ايوان جي ڪارروائي دوران مخالف ڌر ميمبرن مسلسل هنگامو ڪندا رهيا.

حڪومتي ميمبرن ۽ مخالف ڌر ميمبر ايوان ۾ آمهون سامهون اچي ويا ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر هنگامي سبب اجلاس 20 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. ان دوران وزير اعظم عمران خان ايوان مان هليو ويو جنهن تي مخالف ڌر ميمبرن ڀڄي ويو ڀڄي ويو جا نعرا هنيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.