عمرڪوٽ: ٿر جي سرڪاري زمين تي قبضي خلاف درخواست تي سروي

عمرڪوٽ  ڀرسان ٿر جي ڳوٺ لپلو نهڙي ۾ سميجا برادري جي بااثرن پاران ڳئوچر ڄاڻايل سرڪاري زمين ترايون ۽ قبرستان کي آباد ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن عطا محمد نهڙي حڪيم رامڏيو ارباب نهڙي  ۽شفيع نهڙي پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل  درخواست جو نوٽيس وٺندي عدالت ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ کان 20 آڪٽوبر  تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اهڙي حڪم کانپوءِ مختيار ڪار عمرڪوٽ سالم سميجو ڳوٺ لپلو نهڙي پهچي ڳئوچر زمين تراين ۽ قبرستان جي سروي ڪري ٻنهي ڌرين جا بيان ورتا،  ان موقعي تي مختيار ڪار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جن سرڪاري زمينن تي قبضا ٿيل آهن انهن جي ميريٽ جي بنياد تي رپورٽ تيار ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪبي ، پوءِ ڪورٽ سڳوري جيڪو  حڪم هوندو ان موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.